ٺٽو ضلعو هڪ نظر ۾ - ڪتاب

ٺٽو ضلعو هڪ نظر ۾ - ڪتاب

ٺٽو ضلعو هڪ نظر ۾

ٺٽو ضلعو هڪ نظر ۾ (ڪتاب ): هي ڪتاب محمد صديق پاٽوليءَ جو ترتيب ڏنل آهي. جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٺٽي جو اطلاعات آفيسر هو. هن پنهنجي ملازمت دوران ٺٽي بابت جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا، تن کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايائين. هن ڪتاب ۾ ٺٽي جي مختصر تاريخ ضلعي ايراضي، آدم شماري، مُک قبيلن، ذاتين کانسواءِ تپن، تعلقن، ٿاڻن، ريلوي اسٽيشنن، پوليس چونڪين روڊن، شهرن، ڳوٺن ۽ ديهن جو احوال ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ سرڪاري رڪارڊ مطابق انگ، اکر ۽ مختلف جاين جون تصويرون به آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌيءَ سان گڏ مختصر طور اردو ۽ انگريزي ۾ مواد شامل آهي. ڊيمي سائيز 80 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ليکڪ پاڻ 1985ع ۾ شايع ڪرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو